خاناڻي نصير خان

خاناڻي، نصير خان: نصير خان ولد مبارڪ خان ميرپور جي ٽالپر حڪمران مير ٺاري جي ڀاءُ احمد خان ماڻڪاڻيءَ جو ڏوهٽو هو.27 ذوالقعد 1251هه 15 مئي 1836ع تي مير نصير خان، نصير خان خاناڻيءَ جي نالي سند منظور ڪندي، روپا ماڙيءَ ۾، ديهه ڪامري لڳ ٽي هزار بيگها جاگير ڏني. ڪئپٽن پيلي، هن جاگيردار کي ٿرڊ ڪلاس ۾ درج ڪيو. ميجر گولڊ سمڊ ۽ مسٽر ايلس تجويز ڏني ته جاگيردار کي سند جاري ڪندي پنج سئو بيگهه دائمي منظور ڪري ڏنا وڃن. هن کي اها ايراضي سند نمبر 88 هيٺ ڏني وئي، جنهن موجب سندس وارثن کي 1815 بيگهه واري اها جاگير، عام ڍل ڏيڻ يا جاگير جي رواجي ايراضي تان هٿ کڻڻ هيٺ هن وٽ رکڻ جي عام مختياري ڏني وئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو